اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ري??رنس کي اڳوڻي و??يراعظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي و??ڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش قرار ڏيندي ڪيوريٽيو ري??يو ري??رنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڪيوريٽيو ري??يو ري??رنس ڪمزور ۽ بي بنياد سببن تي داخل ٿيو هو، ان لاءِ حڪومت ان جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا اڳ ۾ ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. بيان موجب وزيراعظم قانون واري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيوريٽيو ري??يو ري??رنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ري??رنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو. اهو ري??رنس نه هو، آئين ۽ قانون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف مزاج جج جي خلاف هڪ منتقم مزاج شخص عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي ۽ عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي و??ڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ري??رنس جي مذمت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان ڏوهاري فعل جي لاءِ ناجائز استعمال ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ هٿيار ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.