اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم قوم?? خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ??ارپوريشن (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اضافي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. اي پي پي جي هيڊ آفيس اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽرن ۽ اداري جي ملازمن سندس شاندار آجيان ??ئي. محمد عاصم (بي ايس 20) انفارميشن گروپ جي 26 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جو آفيسر آهي. 21 سالن تي ٻڌل سندس پيشيواراڻو ڪيريئ?? وسيع تجربو رکندڙ آهي. هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، سائبر ونگ، وزيراعظم هائوس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.