اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن ??ي برابر حقن جي ف??اه??ي ۽ خاص طور تي تعليم ۽ ??حت جي سهولتن تائين انهن جي پهچ وڌائڻ معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ جي پينٽنگ جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي عورتن ??ي برابر موقعا ف??اه??ڪري انهن ??ي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”آرٽ فرام دي هارٽ“ جي عنوان سان سولو نمائش ۾ عورتن جي جدوجهد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ثمينه علوي عورتن بابت ??حت جي مسئلن بشمول ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ دماغي مرضن بابت بيداري پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي مختلف نوعيت جا نفسياتي مسئلا درپيش آهن، جن جي اڪثريت عورتن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صدر ۽ هو پاڻ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عورتن جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي ??حت بابت مسئلن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ايوان صدر پاڪستان ۾ ذهني ??حت جي سهولتن تائين پهچ ??ي بهتر بڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ دماغي ??حت جي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ڌرين جي مدد سان طبي مشورا ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ دماغي ??حت جي هيلپ لائين ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ اسڪريننگ سينٽر پاران ڪيل تازي تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ته ميڊيا جي ذ??يع?? انهن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ اسڪريننگ بابت معلومات حاصل ڪئي. ثمينه علوي عورتن بابت مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نائله چوهاڻ جي پينٽنگز کي سا??اه??ندي چيو ته آرٽ، سفارتڪاري جو هڪ موثر ذ??يع?? ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ چيو ته ان جي پينٽنگز سماجي ۽ عورتن جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذ??يع?? آهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ان جي مضبوط وڪالت جي اعتراف ۾ يونيسڪو ان جي پينٽنگز جي هڪ سولو نمائش جو انعقاد ڪيو، جيڪا 2002ع کان پيرس ۾ ان جي هيڊڪوارٽر ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي ايوب جمالي چيو ته پي اين سي اي ملڪ جي اهم رخن کي فر??غ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪميونٽي جي شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. نائله چوهاڻ جي پينٽنگز جي نمائش 9 مارچ تائين کليل رهندي ۽ ان سان ملندڙ رقم عطيو ڪئي ويندي.