پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (اي?? آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ??ئي. صدر اسپتال جي مختلف وارڊز جو دورو ڪ??و ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان به هو. صدر زخمي پوليس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ورجاي?? ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.