اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا ا??ڪان آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزير??عظ?? هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزير??عظ?? پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ برطانيا جي تعاون ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزير??عظ?? انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دو??ي جي لاءِ اهم ڪردار ا??ا ڪرڻ تي هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيو. وزير??عظ?? پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزير??عظ?? هاءِ ڪمشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.