اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربان??ن جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپري??ن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسر?? ۽ ??وانن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسر?? ۽ ??وانن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپري??ن ۾ حصو وٺندڙ ف??ج??ن جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيد?? ۽ ??نهن جي گ??رڀ??تين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربان??ن جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.