اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ?? ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان ??ان ??لي تعزيت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان پاران ??اري بيان موجب ڪينيا ?? پاڪستان ??ي هاءِ ڪمشنر ک?? 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي خبر ملي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر ان ??ي موجب پوليس ??ملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان ??ابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر جي آفيس ??ان ??ه رابطو ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان ??فسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاران ??نهن سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏيهي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بيان موجب پوليس ??پورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان ??ملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.