اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي ڏس ۾ امير ملڪن کي پاڪستان کي قرضن ج?? ادائيگي ۾ ريليف ڏي?? تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهون. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون ”بلومبرگ“ سان پنهنجي انٽرويو ۾ جيڪو بنيادي دليل ڏنو آهي ته ماحولياتي تباهي ۾ اسان ج?? ڪو ڪردار نه آهي ان لاءِ امير ملڪ پاڪستان کي قرضن ج?? ادائيگي ۾ ريليف ڏي?? تي غور ڪن.