نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لا??ِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظهار پاڪستان ۾ تازي ت??اه?? آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حص?? جي باوجود پاڪستان کي گرم?? جي لهرن، برطانوي ط??فان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماس?? جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي انساني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ ت??اه?? جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي وزير هلندڙ مهين?? جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ مختلف ملڪن جي اڳو??ڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.