اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته حريت اڳواڻ سيد علي گ??لا??ي ڪشميري تحريڪ آزاديءَ ج?? علامت هو جنهن هميشه اهو نعرو بلند ڪيو ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهيو. هي نعرو هاڻي دنيا جي هر حصي ۾ گونججي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ناليواري حريت اڳواڻ سيد علي گ??لا??ي جي پهرين ورسيءَ ج?? موقعي تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ رٿيل هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن جو اهتمام ريڊيو پاڪستان ۽ يوٿ فورم براءِ ڪشمير ڪيو هو. تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ڳ??له??ئيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ سيد علي گ??لا??ي جي جدوجهد کي اصل خراجِ عق??دت اهو آهي ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هلندڙ آزاديءَ واري تحريڪ لاءِ آواز بلند ڪندا رهون. ??ار?? طرفان ڪشميرين تي ٿيل ظلم دنيا آڏو واضح ڪندا رهون. هن چيو ته ??ار?? 1947ع کان 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني عمل ۽ قدم خاص طور تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيو آهي. ان کي پاڪستان اڳ ۾ به بي نقاب ڪندو آيو آهي ۽ آئينده پڻ هر فورم تي ڪشميري عوام جي ترجمان جاري رکندو. وفاقي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل تي زور ڀريو ته هو ان غير معمولي تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻن.