اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊيني??ر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي تعاون جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، ??وراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏيل قومن جي پاڪستان سان ڪم ۽ تعاون جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? گڏيل قومن جي چار??ر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين، مو??مياتي تبديلين ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ عالمي تعاون جي شعبن ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزير??عظ?? گڏيل قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏيل قومن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزير??عظ?? سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزير??عظ?? کي گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، ??نساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ مو??مياتي تبديلي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏيل قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، ج?? سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قومن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.