مهمند – 29 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف مهمند ڊيم کي ٻوڏ سبب نقصان جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته منصوبي تي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، نيلم جهلم ۾ به ڪجهه مهينا ا?? حادثو ٿي چڪو آهي، اڳتي ان جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ٻارڻ جي درآمد تي ساليانو اربين ??الر خرچ ڪري سبسڊي ڏيڻ سان ناڻي تي بار پوي ٿو، پاڻي، هوا ۽ سج جي روشني سان سستي بجلي پيدا ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي پارلياماني معامل?? وارو وفاقي ??زي?? مرتضيٰ جاويد عباسي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، ??زي??اعظم جو خاص معاون انجنيئر امير مقام ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ مولانا عطا5 الرحمان پڻ موجود هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي مهمند ڊيم منصوبي واري جڳهه جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته مهمند ڊيم ??ين?? ۽ پاڪستاني ڪمپنيون گڏجي تعمير ڪري رهيون آهن، انتهائي اهم منصوبو آهي، ان سان 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، آبپاشي جي لاءِ پاڻي دستياب ٿيندو ۽ ٻوڏ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، ٻوڏ سبب ڊيم جي بنيادي ڍانچي ۽ ٽنلز کي نقصان انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي ته ائين ??و ٿيو آهي، موجوده دور ۾ ڊيمن جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، دنيا ۾ جتي به ڊيم تعمير ڪيا وڃن ٿا اتي حفاظتي انتظام به ڪيا وڃن ٿا، ڪجهه مهينا ا?? نيلم جهلم ۾ هڪ وڏو حادثو ٿيو، ان جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو هو، آزاداڻي ڪنسلٽنٽس کان ان جي جاچ ڪرائي ويندي ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان درآمدي ٻارڻ تي اربين ??الر ساليانو خرچ ڪري ٿو ۽ مهانگي بجلي پيدا ڪري صارفين ??ي سستي بجلي مهيا ڪرڻ سان ناڻي تي بار پوي ٿو، اسان کي هوا، سج جي روشني ۽ پن بجلي جي پيداوار وڌائڻي پوندي ڇو ته اهو اسان جو مستقبل آهي، بجلي جي پيداوار جو سستو ذريعو هائيڊل پاور آهي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. ??زي??اعظم چيو ته ??ين?? ڪمپني ان منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ چين پاڪستان جو بهترين دوست آهي، منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ ان کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ گهرجي، هي منصوبو اسان جي معاشي ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام وڏي اهميت رکندڙ آهي، سستي بجلي سان زراعت، صنعتن ۽ عوام جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ معيشت کي استحڪام ملندو. ان کان اڳ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ ??ين?? تعميراتي ڪمپني جي نمائندن ??زي??اعظم کي مهمند ڊيم منصوبي تي اڳڀرائي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان بابت بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو سوات درياءَ تي تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ 18 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سيراب ٿيندي، ڊيم جي تعمير سان ٻوڏ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان سان بحالي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته پاڻي وسيل?? واري سيڪريٽري ڪاظم نياز نيلم جهلم هائيڊل پاور پراجيڪٽ ۾ پيش ايندڙ حادثي جي انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽس کان شفاف جاچ ڪرائڻ بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ??زي??اعظم کي آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم مهمند ڊيم جي سائيٽ جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پاڻي وسيل?? واري سيڪريٽري ۽ واپڊا چيئرمين ??ان تعميراتي ڪم بابت معلومات ورتي.