اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ??هي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دور?? جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست مل??ن جي سفيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ?? ڪويت جا سفير به شامل هئا. پر??يهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان جي پر??يهي پاليس?? جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو ??نهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.