اسلام ??با?? – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي خالد هميد فاروقي جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ۽ اعليٰ صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور مشهور هو، تازي يوڪرين جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي تاريخ لکي هئي. هن چيو ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي انسان، قابل ۽ ب??خبر صحافي هو. اطلاعات واري وفاقي مري?? اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي مرح??م جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.