اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بنائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن افعانستان بابت خصوصي نمائندي ايمبيسڊر محمد صادق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پرڏيهي ??زارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايڊيشنل سيڪريٽري افعانستان عامر آفتاب ??ري??ي ۽ ڊي جي افغانستان آصف ميمڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. افغانستان بابت خصوصي نمائندي ايمبيسڊر محمد صادق افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. حنا رباني کر ان موقعي تي چيو ته افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.