اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??نيا ڏکئي صورتحال مان گذري رهي آهي ۽ انساني همدردي ۽ انسانن جي وچ ۾ برابري جي غلبي ۽ اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جو شدت سان انتظار ڪري رهي آهي. صدر اها ڳالهه ٺوس سلامتي ۽ عالمي تعاون جي نئين سر تعين جي موضوع تي اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??نساني تاريخ جنگين، تباهي ۽ فوتگين سان ڀريل آهي. صدر چيو ته ??هو سوال به فڪر جو لمحو آهي ته قومن تاريخ مان سبق سکيو يا نه ۽ اهو به هڪ سوال آهي ته ??نگين ۽ تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ رياستن جي سلامتي جو معيار ڇا هجڻ گهرجي؟. صدر چيو ته ??نساني فطرت همدردي ۽ خوف جي ڪجهه عنصرن جي مدافعت جو بنياد آهي جيڪو بقاءَ جي جبلت کي سگهه ڏي ٿو جنهن سان ملڪن ۾ تڪرار ۽ جهيڙا جنم وٺن ٿا. صدر اميد ظاهر ڪئي ته ??اقت ۽ اختيار رکندڙ روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ذريعي انسانيت سان انصاف ڪندا. صدر چيو ته مختلف ملڪن تي عالمي قانونن کي هڪ ئي وقت لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان دنيا ۾ اختلاف موجود آهي. اهڙي طرح انسانن جي لاءِ مختلف قدر دنيا جي لاءِ خطرو آهن، انسانن جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي عالمي ڪوششن جي باوجود انسانن جي وچ ۾ دولت ۾ اڻبرابري پڻ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. موجوده دور جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ??ظهار راءِ جي آزادي جو غلط استعمال، جعلي خبرن جي ذريعي غلط معلومات ۽ انهن جو ڦهلاءُ دنيا ۾ اڀرندڙ ڪجهه نوان چ??لينجز آهن. صدر عالمي تاريخ ۾ ڪجهه وڏي انساني تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته منگولن جي حملي، انگلستان ۽ فرانس جي وچ ۾ 100 سالا جنگ، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگين ۾ تمام گهڻيون انساني جانيون ضايع ٿيون جنهن کانپوءِ عالمي دنيا مستقبل جي جنگين کان بچڻ جي لاءِ ڪجهه اصول جوڙيا، ان ڏس ۾ هاڻي طاقتور قومن جي وچ ۾ جيو پوليٽيڪل مڪالمو اهم هوندو. صدر چيو ته ??المي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ شين جي پهچ جي ذريعي عالمگيريت جي حوصلا افزائي جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ اميد ڪئي پئي وئي ته ??ڏهن شين جي پهچ ۽ معيشت پاڻ ?? ڳنڍجي وينديون ته ??ن سان امن قائم ٿي سگهي ٿو پر اهو هدف حاصل نه ٿي سگهيو ڇو ته ٻٽي معيار جي ڪري شين جي پهچ برابر نه آهي. صدر چيو ته پاڪستان 40 سالن کان پنهنجي سرزمين تي لکين افعان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته ??ن جي ابتڙ پناهگيرن کي بحيره روم ۾ ٻڏڻ ڏنو ويو. صدر چيو ته معاشي طور تي مضبوط ننڍن ملڪن جو آواز ٻڌي سگهجي ٿو. صدر ڀارت پاران پاڪستاني حدن ۾ ميزائيل ڪيرائڻ جي واقعي کي غيرذميواري جو سڀ کان وڏو عمل قرار ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ نريندر مودي جي هندو قوم پرستي جي بنياد تي جذبا ڀڙڪائڻ جي نفسيات تي ٻڌل قدمن جي ذريعي هندستاني معاشري کي تبديل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڀارت ۾ يورينيم جي چوري ۽ اسمگلنگ جا ڪيترائي واقعا رونما ٿيا پر ان تي عالمي ردعمل مختلف رهيو. صدر وڌيڪ چيو ته ??ربت ۾ گهٽتائي، صحت ۽ تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان عالمي ڪوششون بارآور ثابت ٿي رهيون آهن جڏهن ته في ڪس آمدني ۾ اضافو به ٿي رهيو آهي.