اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ا??فا?? ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري آهي. قازقستان ۽ ايشيا گر??پ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائ??نس?? جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪن??ي قازقستان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائ??نس?? جي اجلاس جي پاڪستان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقستان ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو ??ڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو ??ڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي آهي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي آهي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضرورت آهي.