اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسلام جا ٺيڪيدار اسلام بدران اسلام آباد جي لاءِ سياست ڪري رهيا آهن، اسلامو فوبيا جي حوالي سان او آءِ سي جا سڀئي ملڪ هڪ پيج تي آهن، وزيراعط?? عمران خان سدائين اسلامو فوبيا تي ڳالهائيندو رهيو، 22 ۽ 23 مارچ تي 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ موجود هوندا، ان موقعي تي پنهنجي ڏي?? انچ جي مسجد ٺاهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني کي قومي سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس مسلمان دنيا جي ترجماني ڪندو، سڄي قوم مسلمان دنيا لاءِ هڪ خوشي جو موقعو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو، اسلامو فوبيا کي منهن ڏي?? لاءِ عالمي ڏهاڙي جي قرارداد ڏي?? ارب مسلمانن جي ترجماني آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي فورمن تي عمران خان ڏي?? ارب مسلمانن جي ترجماني ڪئي ،اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو 2019ع ۾ مڪي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظ?? عمران خان اسلامو فوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي ڳالهه ڪئي، سيپٽمبر 2019ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظ?? عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ ناموس رسالت تي ڪيس دنيا جي سامهون رکيو. دنيا ۾ جنهن انداز سان اسلامو فوبيا تي مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، نيوزي لينڊ ۾ مسجد اندر حملو ٿيو، اولهه ۽ تازو ئي ڀارت جي اندر حجاب پائڻ تي عورتن تي حملا ٿي رهيا آهن، هندستان ۾ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي ڪري او آءِ سي جي 2020ع جي اجلاس ۾ اسان جي پرڏيهي وزير 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏي?? لاءِ عالمي ڏهاڙو قرار ڏي?? جو مطالبو ڪيو، 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏي?? جو ڪريڊٽ وزيراعظ?? عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سچو عاشق رسول ﷺ، سچو مسلمان هجڻ جي ناطي عمران خان دنيا جي سامهون اسلام جو ڪيس وڙهيو، مملڪتي وزير چيو ته اولهه جيڪو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اهو ئي وزيراعظ?? عمران خان جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي. وزيراعظ?? عمران خان دنيا جي سامهون معذرت خواه وارو رويو ترڪ ڪيو، روس جي صدر اسلامو فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪيو، آمريڪا جي ايوان جي نمائندن کان به قرارداد سامهون آئي، وزيراعظ?? عمران خان مسلمانن جي دلين جي ترجماني ائين ئي جاري رکندو. هتي فضل الرحمان عمران خان تي تنقيد ڪندو رهيو آهي جيڪو حقيقتن جي منافي آهي، عمران خان جي ??الهه کي دنيا توجهه ڏي ٿي، اسلامو فوبيا تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي هر موقعي تي پاڪستان ڪشميرين سميت جتي جتي انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن کي اجاگر ڪيو، افغانستان جي معاملي تي او آءِ سي جي اجلاس جي نمائندگي پاڪستان کي ملي آهي، هن چيو ته سياسي سرگرميون ان وقت جمهوريت جو حسن آهن جيسيتائين ان ۾ شدت شامل نه هجي، هڪ مارچ ۽ هڪ شارٽ مارچ جي اسان اجازت ڏني جيڪڏهن ڪنهن تشدد کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي.