اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي ب??وج??د پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار، ٽيڪس وص??لي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آ??ِ ٽي روانگي واپار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وص??لي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ريزور 31.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 26 سيڪڙو، سروسز روانگي واپار 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خ??يداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.