پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي ۾ سياسي صورتحال، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي م??صوبن خاص طور تي زراعت، ٽرانسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ جي م??صوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي تي ڳالهه ٻ??لهه سان گڏوگڏ وزيراعظم کي م??انگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي پاران کنيل قدمن ۽ ذخيره ا??دوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ترقياتي م??صوبن جي م??رر مدي ۽ عوامي ڀلائي جي م??صوبن کي ترجيحي بن??ادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.