اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ست??ن رومانيا سان ٻطرفي ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي ??اڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن رومانيا سان ٻطرفي ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پا??ست??ن يورپي يونين سان گڏ اسٽريٽجڪ حصيداري تحت رومانيا سميت مختلف يورپي ملڪن سان گڏ ٻطرفي ??اپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پا??ست??ن ۽ رومانيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پا??ست??ن ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا پا??ست??ن ۽ رومانيا جي وچ ۾ ٻطرفي ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.