برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بح??ان ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دو??ان ٻطرفي ??ڏي?? معاملن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تع??ون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن ??ڏي?? مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تع??ون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ا??تحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن ۽ ا??تحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بح??ان ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي خطري کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تع??ون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بح??ان طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغانستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دو??ان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.