ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ منهنج?? آقا سرور قونين حض??ت محمد صلي الله عليهه وسلم جو يوم ولادت آهي اڄوڪو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حض??ت محمد صلي الله عليهه وسلم کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي موڪليو اسان کي پنهنج?? آقا جي تعظيم سان گڏو گڏ سندن تعليمات کي به غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئي اڄوڪي ڏينهن جو سڀ کان وڏو فلسفو آهي. اسان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پنهنجي نبي ڪريم صلي الله عليهه وسلم جي ڏيکاريل رستي تي هلڻو آهي. هن چيو ته منهنجي نبي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سياست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه بند?? ، ??ياست مدينه جو قيام ۽ رياست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي اسلام آهي. اسان سڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو منهنجي نبي ڏيکاريو ان رستي تي هلي فلاح جي رستي تي وڃون.