ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ??فد جي قيادت اسڪول جي پرنسپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪا??يا??ين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي عمارت جنهن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي محفوظ ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وب?? اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي پر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان ا??فارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي جديد ٽولز کي استعمال ڪرڻ ??ي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون ا??ل بيگم ثمينه عارف علوي ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.