اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپ?? کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آ??ي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورستي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر ??ٿل حمود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر ??ٿل حمود العطيبي گورنن?? ۽ ??عليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگرد?? کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپ?? کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپ?? کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آ??ي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آ??ي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪ?? کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صدر چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگرد?? کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگرد?? کي سمورن اداراجاتي چارجز بشمول ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.