اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وف??قي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ??ار?? وزارت پاران سفارشن جي م??ظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ۾ ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ڦاسي چڪي آهي، وراثتي ليڊرز هر غلط ڪم جا سرپرست آهن، لاهور قبضا معاملو واضح ثبوت آهي. اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آندا ويا. اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري ??ار?? صلاحڪار پاران وف??قي ڪابينا کي حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت ٽاسڪ فورس پاران وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ 70 هزار خالي جايون ختم ڪرڻ، وف??قي حڪومت جي ادارن جو انگ 441 مان گهٽ ڪري 324 تائين رکڻ جي حوالي سا?? اداراجاتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.