اسلام آباد – 22 R11; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صدارت ۾ را??ي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شه??ن جي ڀرپاسي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، ن??ين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وز??ر جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي وڏي وز??ر جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، را??ي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.