اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آه??. ان کانسواءِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پ??و وڃي. وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آه?? ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻا??و ويندو.