وزيراعظم سدائين غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ قدم کنيا آهن: سينيٽر شبلي فراز

image
APP41-070121 ISLAMABAD: January 07 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz along with MD Bait-ul-Mal announce a welfare package for All Pakistan Akhbar Farosh Federation under PM’s Ehsaas Program in a press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ قدم کنيا، احساس پروگرام، لنگر خانا، پناهگاهون ۽ ڪامياب جوان پروگرام ان جو چٽو ثبوت آهي، هاڪر سخت موسمن ۾ به اخبارون گهر گهر تائين پهچائڻ جون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ موقعن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي رڳو هڪ خاص طبقي کي نوازيو ويو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ هاڪرن جي لاءِ پيڪيج جي اعلان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين، ايم ڊي پاڪستان بيت المال عون عباس بپي، ٽڪا خان کانسواءِ گڏيل شهرن جي اخبار وڪرو ڪندڙن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی