اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ لو??ا ڪريسي جو خ??لق مريم صفدر جو والد محمد نواز شريف آهي، گلگت بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته گلگت بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چڪي آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وار?? کان جي بي جي عوام پڇي رهي آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا اهو آئنده گلگت بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ?? بلاول جون پارٽيون گلگت بلتستان جي عوام جي نظر ۾ ڪري چڪيون آهن، شڪست انهن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنجي رد عمل ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ مريم صفدر جي گلگت بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن لهجو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، هنن پنهنجي تقرير ۾ لو??ن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين لو??ن جو تعلق آهي ته کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد محمد نواز شريف لو??ا ڪريسي جو خ??لق آهي جنهن جي پهرين فيڪٽري ڇانگامانگا تي لڳائي وئي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪردگي تي خبر پئجي چڪي آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.