اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان رياست ۽ ملڪي دفاع جي خلاف دشمن جي ا??جنڊا تي تيار ڪيل بيانيو ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان جمهوريت نه پر بادشاهت تي يقين رکي ٿو، قانون کي گهربل اشتهاري لنڊن جي مهانگي فليٽ ۾ ويهي ا??قلابي بڻجڻ بدران عوام ۾ اچي، مخالف ڌر جي پريس ڪ??نفرنسز ۾ چي?? وڃي ٿو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڪرپشن، مني لانڊرنگ جا ڪيس واپس ورتا وڃن، جنهن جنهن ڪرپشن، مني لانڊرنگ ڪئي يا قومي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو، صنعتن کي ملندڙ وڌيڪ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن سميت ٻين کي اضافي بجلي تي 25 سيڪڙو رعايت ملندي، صنعتن جي لاءِ پيڪ آورز ۽ آف پيڪ آورز کي گڏ ڪيو ويو آهي، صنعتن کي سستي بجلي جي فراهمي سان ملڪي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هو پي آ??ِ ڊي ۾ پريس ڪ??نفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.